اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان ڏه??ڙي جي موقعي تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 1940ع ۾ اڄ جي ڏينهن ننڍي کنڊ جي م??لم??نن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي ۽ هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو، جتي اهي اسلامي نظرين موجب آزادي سان پن??نجي زندگي گذاري سگهن. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان ڏه??ڙي 23 مارچ 2023ع جي موقعي تي قوم جي نالي پن??نجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان باني پاڪستان جن جي جدوجهد ۽ قرباني جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو، کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي م??لم??نن تي ظلم ۽ ڏاڍ، هندوتوا واري وڌندڙ لهر ۽ م??لم??نن جي خلاف تشدد، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ظلم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان وقت جي م??لم??ن قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته هي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي پن??نجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي به ياد ڏياري ٿو. آزادي جي وقت اسان مهاجرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، نئين وجود ۾ رياست جي آئيني ۽ انتظامي مسئلن، سلامتي جي خطرن، نئين رياست کي مضبوط سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جهڙا ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا، انهن چئلينجز جي باوجود اسان پن??نجي مسلسل محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اسان رياستي ادارا قائم ڪيا، پن??نجي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته اسان کي قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ، جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ، پن??نجي معاشري ۾ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خصوصي ماڻهن جي حقن جي فراهمي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، پن??نجي شهرين جي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي منهنجو پڪو يقين آهي ته اسان پاڪستان کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط سان ڪم ڪندا رهنداسين ته اسان پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ٿا. الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.