اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏينهن مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فوج جي ڇاپي، نمازين کي بي دخل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي مقدس ترين جاين مان هڪ مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان موجب اهو قابل مذمت آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اسرائيلي ق??بض فوج پاران مسجد الاقصيٰ تي اهڙي طرح جا حملا تازن سالن ۾ هڪ معمول بڻجي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو فلسطيني عوام جي م??هبي آزادي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي پر سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي م??هبي جذبن جي پڻ توهين آهي. ??رج??ان موجب فلسطينين جي خلاف اسرائيلي ق??بض فوج پاران طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال سمورن انساني ۽ انساني حقن جي اصولن ۽ قانونن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني ڇاپا هڻي اسرائيل رمضان جي تقدس جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي تازي واعدي تان پٺتي هٽي ويو آهي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري ق??م کڻي جيڪي هن سال جي شروع کان خاص طور تي عروج تي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو، اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پائيدار حل ۽ منصفاڻي بنيادن تي 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي پنهنجي م??البي جي تجد??د ڪريون ٿا.