اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فور?? عملدرآمد سان خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي، پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي بنا رڪاوٽ ف??اهمي جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته اٽي جي پهچ ج?? عمل ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي، پنجاب کان خيبرپختونخواهه کي اٽي جي ب??ا رڪاوٽ ف??اهمي جاري آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي پهچ جي مرحلن جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اٽي جي پهچ جو ڪم تيز ڪيو وڃي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون نگران حڪومتون ا?? حوالي سان رابطو بهتر بڻائين، ان ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.