اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) موسيماتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۽ بلوچستان جي سا??ونڊي علائقن جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو محفوظ ماڳن تي منتقلي جي حوالي سا?? لاڳاپيل عملدارن جي هدايتن تي عمل ڪن، سا??ونڊي طوفان بائپرجوائي جي اڄ خميس ڏينهن سا??ونڊي علائقن سا?? ٽڪرائجڻ جي اڳڪٿي آهي، ڪراچي لاءِ ننڍن جهازن جون اڏامون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته عام اڏامن جي حوالي سا?? اڄ شام تائين ??يص??و ڪنداسين، وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي مسلسل رابطي ۾ آهي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتون فعال آهن. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير شيري رحمان ٻڌايو ته سائيڪلون ڪافي ڏينهن کان اڳڪٿي موجب اڳتي وڌي رهيو آهي، مختلف ملڪن جي سسٽم سا?? گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. هي طوفان وڏي شدت سا?? پاڪستان ۽ انڊيا جي سا??ونڊي پٽي طرف وڌي رهيو آهي. رستو اهو ئي آهي جيڪو اسان اڳڪٿي ڪئي آهي.هن چيو ته ان طوفان جو ڪيٽي بندر سا?? شديد ٽڪراءُ متوقع آهي، 140 کان 150 في ڪلوميٽر جي رفتار سا?? هوائون لڳي رهيون آهن، سنڌ حڪومت ان جي مانيٽرنگ ڪري رهي آهي. ٺٽو، سجاول، حب سميت ڪراچي جا سا??ونڊي علائقا متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي، اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت سا?? گڏجي وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي مڪمل طور تي فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سا??ونڊي علائقن جي طوفان سبب متاثر ماڻهن لاءِ مختلف سرڪاري عمارتن ۾ رليف ڪيمپس ٺاهيون ويون آهن، اتي ماڻهن کي پهچايو ويو آهي، هن وقت تائين 62 هزار ماڻهن کي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان سڄي عمل کي ليڊ ڪري رهي آهي. پي ڊي ايم اي به ان ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ ڪوسٽ گارڊ، نيوي، رينجرز مقرر آهن، پوليس به فعال آهي. 5 ڪور ڪمانڊر جو ٿورو مڃون ٿا هو ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي. سائيڪلون جي گذري وڃڻ کانپوءِ ان سا?? ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو ويندو. هن لڏپلاڻ ڪندڙن کي چيو آهي ته پريشاني فطري ڳالهه آهي پر منصوبابندي ۽ منطق سا?? سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڳالهه مڃڻي آهي، جيستائين اهي نٿا چون هتان کان نڪرڻو ناهي. ماهيگير وري به نڪري رهيا آهن انهن کي زبردستي واپس آندو پيو وڃي، اسان جانيون بچائڻ جي مرحلي ۾ آهيون، لڏپلاڻ ڪندڙن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ کاڌو ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته خوف ۽ هراس نه پکڙي، عوام سمنڊ طرف وڃڻ کان پاسو ڪري، طوفائي هوائون خميس تي انتها تي هونديون، احتياطي تدبيرن طور تي سولر پينل کي محفوظ بڻايو، بورڊ لاٿا پيا وڃن، هن چيو ته وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي ۾ پاڻي ۽ پيٽروليم وارا وفاقي وزير به ڪميٽي ۾ شامل آهن، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته پنهنجا اعليٰ عملدار ڪراچي موڪلين. جيڪڏهن ايل اين جي ڪارگو نه پهچي سگهن ته هنگامي حالتن ۾ قدمن جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٽرانسميشن لائينن کي ڪنهن نقصان تي فوري بحالي لاءِ عملي جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته لڏپلاڻ لازمي آهي ان تي ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪريو جتي منتقل ڪيو پيو وڃي اتي منتقل ٿيو. چوپائي مال جي منتقلي لاءِ هر ممڪن امداد ڪئي پئي وڃي، وقت به وقت هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن، ننڍن جهازن جون اڏامون بند ڪيون آهن باقي ڪمرشل اڏامن جي باري ۾ شام تائين ??يص??و ڪنداسين، اهي طوفان بائپر جوائي موسمياتي تبديلي جي ڪري آهي.