اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي ??عا??دي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ??عا??دي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ان ??عا??دي تحت قابل تجديد توانائي جي صلاحيت 10 هزار ميگاواٽ آهي، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان ??عا??دي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ادا ڪيو، هر مشڪل وقت ۾ گڏيل عرب امارات پاڪستان جو ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي وارو خصوصي نمائندو، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير سلطان احمد الجابر پڻ وفد سان ??ڏ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي وفد جي آجيان ??ريان ٿو، ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو ??عا??دو خوش آئنده آهي، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور سميت قابل تجديد توانائي ۾ تعاون جو بهترين موقعو آهي، گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين کي ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ شاندار منصوبو تيار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي منصوبي جيصلاحيت 10 هزار ميگاواٽ آهي، پنجاب، بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ سج جي روشني کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ونڊ پاور مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان مفاهمت جي ان ياداشت کي ??عا??دي ۾ تبديل ڪري ان تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان ??عا??دي ۾ پڻ گڏيل عرب امارات جو اهم ڪردار آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات جي مدد کانسواءِ اهو ??عا??دو ممڪن نه هو، ناڻي واري وزير اسحاق ۽ ان جي ٽيم پڻ ڀرپور محنت ڪئي. ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي جي نمائندي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شاندار ميزباني تي پاڪستان جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارات جي صدر پاران پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ خصوصي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا ۽ پائيدار حصيداري آهي، اسان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ نوان موقعا ڳولي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبدي??ين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙيو ويندو. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ سمورين ڌرين کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو ته جيئن موسمياتي تبدي??ين جي اثرن ۽ ان ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج ۽ مالياتي عدم فراهمي سميت سمورن رخن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو ??عا??دو ٻنهي رخن ۾ بهترين قدم آهي، پاڪستان سان ان شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.