اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي سخت مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته ??سان ڊينمارڪ جي عملدارن مان اميد ??هي ته ??هي نفرت ۽ اشتعال انگيزي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندا. بيان موجب اهڙي قسم جي ڪ??ين ڪاررواين جو مقصد سڄي دنيا جي 2 ارب مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ برادرين، ثقافتن ۽ ملڪن جي وچ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ??هي ڪارروايون ڪنهن به تعريف موجب اظهار جي آزادي نه اظهار جي راءِ ۽ احتجاج جي بهاني مذهبي نفرت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي اجازت کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر چيو ??هي ته مسلمانن جي خلاف تقريرون ۽ اشتعال انگيز ڪارروايون جاري رهڻ غيرذميواراڻي ۽ غلط آهن. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه کي برقرار رکيو ??هي ته ??ظهار راءِ جي آزادي ذميواري سان ٿيندي ??هي اها قومي ??ڪومتن، علائقائي تنظيمن ۽ عالمي ??رادري جي ذميواري ??هي ته ??هي اسلامو فوبيا ۽ مذهبي نفرت جي ڪ??ن ڪمن جو آواز، مذمت ۽ فعال طور تي روڪي، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران زور ڏنو ويو آهي. لاڳاپيل ملڪن کي مذهبي نفرت جي اهڙين ڪاررواين جو ازالو، روڪڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. بيان موجب عالمي ??رادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان پنهنجي پاران عالمي ??طح تي اسلامو فوبيا جو سوال اٿاريندو رهندو. اهو مسئلو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري سميت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو اهم نقطو هو. بيان موجب جده ۾ او آءِ سي جي هيڊڪوارٽرز ۽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ اسلامو فوبيا جي ان بار بار ٿيندڙ ڪاررواين بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.