ڪوئٽا -12 آگسٽ (اي پي پي) نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار ??لحق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ضلع قلعه سيف الله جي علائقي ڪا?? مهترزئي ۽ پشتونن جي نالي واري قبيلي ڪاڪڙ سان آهي، هو ڪيڊٽ ڪا??يج ڪوهاٽ مان انٽرميڊيٽ ۽ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئٽا مان سوشلاجي ۾ گريجوئيشن ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. سينيٽر انوار ??لحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا سٽي مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو پر ڪا??ياب نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هو (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 2017ع ۾ نواب ثناء الله زهري جي دور م بلوچستان حڪومت جو ترجمان مقرر ٿيو. انوار ??لحق ڪاڪڙ مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان آزاد حيثيت ۾ 6 سالن لاءِ سينيٽر چونڊيو جڏهن ته ساڳئي مهيني هو مسلم ليگ (ن) کان منحرف ٿيندڙ ان گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن بلوچستان عوامي پارٽي جي بنياد رکي. انوار ??لحق ڪاڪڙ بي اي پي جو مرڪزي ترجمان به رهيو. سينيٽر انوار ??لحق ڪاڪڙ افغانستان ۽ خطي جي حالتن تي گهري نظر رکي ٿو. هو سينيٽر طور آمريڪا، برط??ني??، روس، آسٽريليا سميت يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. انوار ??لحق ڪاڪڙ سينيٽ جي بچاءَ، پرڏيهي معاملن ۽ پارلياماني معاملن بابت فعال ميمبر سان گڏوگڏ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمنڊ پار پاڪست??ني?? ۽ هيومن ريسورسز جو چيئرمين رهيو. انوار ??لحق ڪاڪڙ کي مادري زبان پشتو کان علاوه انگريزي، فارسي، بلوچستان ۽ ب??اهوي تي عبور حاصل آهي. انوار ??لحق ڪاڪڙ بلوچستان جي درپيش مسئلن تي گهري بصيرت رکي ٿو. سندس دانشوراني س??چ ۽ ب??يرت سبب ملڪي اعليٰ يونيورسٽين ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جن ۾ هارورڊ ۽ ب??سلز جهڙا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ تجزين ۽ تجويزن جي باري ۾ بار ??ار گهرايو ويندو رهيو. نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار ??لحق ڪاڪڙ جي س??ارتي ڪوششن سبب عالمي ميدان ۾ رياست جي مثبت ۽ معاون نقطئه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پرڏيهه ۾ رياست مخالف ڌرين طرفان ڪيل ناڪاري ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي ۽ ان جي هنرمنداڻي خطاب جي نتيجي ۾ عالمي برادري ۽ بلوچستان حڪومت جي حق ۾ پاليسين ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون. سينيٽر انوار ??لحق ڪاڪڙ مضبوط بلوچستان لاءِ هڪ مثبت ويزن رکي ٿو. سينيٽر انوار ??لحق ڪاڪڙ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو اڳوڻو شاگرد پڻ رهي چڪو آهي.