اسلام آباد – 06 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ر??ڊي?? پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ بابت تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتا، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ر??ڊي?? پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشنز ۽ ڪميوٽيشنز جي ادائيگي، حڪومتي اشتهارن جا خرچ ۽ انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي آپريشنز، فنڪشنز ۽ ڪارڪردگي بات تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽرز سيد وقار مهدي، انور لال دين، طاهر بزنجو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊي?? پاڪستان ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي ميڊيا منظرنامي بابت اهم مسئلن تي غور ڪيو ويو جڏهن ته سينيٽر سيد وقار مهدي ر??ڊي?? پاڪستان جي زمين، اثاثن جي استعمال ۽ انجي نجڪاري جي ??عا??لن جي جاچ جي لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل ذيلي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊي?? پاڪستان ر??ڊي?? جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشنز ۽ ڪميوٽيشن جي ??عا??لي تي رپورٽ پيش ڪئي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اپريل، مئي، جون ۽ جولاءِ جي مهينن جي پينشن ر??ڊي?? پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي ادا ڪئي وئي آهي پر ڪميوٽيشنز جي مد ۾ 1.25 ارب ??پين جي رقم باقي آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل ر??ڊي?? پاڪستان ڪميٽي کي ريديو پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان جاري اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان ان ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي جڏهن ته قيمتن کي حتمي شڪل ڏيڻ اڃا باقي آهي. ڪميٽي ڄاڻايل ??عا??دي جي شرطن ۽ ضابطن، ليز تي ڏني ويندڙ زمين جي جڳهه ۽ قيمتن جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ تي زور ڏنو. ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته اهو ??عا??دو حڪومت سان حڪومت جو ٿيندو. ڪميٽي کي وفاقي حڪومت جي اشتهارن جي خرچن بابت تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پهرين مارچ 2022ع کان 31 آگسٽ 2023ع تائين اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ۽ آئوٽ ڊور خرچن جي تفصيل بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر فوزيه ارشد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اشتهار بنا فرق جي ورڇ ڪرڻ گهرجن. اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنهنجي دور ۾ اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو. اسلام آباد ۾ انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي آپريشنز، فنڪشنز ۽ ڪارڪردگي بابت ڪميٽي کي ٺوس بريفنگ ڏني وئي. لاڳاپيل عملدارن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انفارميشن سروسز اڪيڊمي اهو واحد ادارو آهي جيڪو سرڪاري ادارن ۽ پرائيويٽ ميڊيا پروفيشنلز کي مختلف بيٽس ۾ تربيت فراهم ڪري ٿو جڏهن ته هي ادارو جديد ترين سهولتن ۽ اسٽوڊيوز سان ليس آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي اعليٰ درجي جي نجي ۽ سرڪاري ادارن مان ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري ٿي جن ۾ اهل ۽ تجربيڪار حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ماهر به شامل آهن.