اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف علائقائي ۽ ??ال??ي م??ئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي ڇو ته ملڪ ۾زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي اهي ته جيئن فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ چار اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جا مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ مختلف علائقائي ۽ ??ال??ي م??ئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفا اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عز?? جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت جي اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آيا ۽ ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي به ايندي. صدر چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي م??اشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي م??د فراهم ڪئي. ان موقعي تي سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ م شروع کان ئي م??تلف شعبن ۾ ويجها لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سعودي عرب جو ويزن 2030ع پاڙيسري ملڪن سان گڏوگڏ اسلامي دنيا ۾ پڻ خوشحالي آڻيندو.