نانجنگ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪالهه سومر ڏينهن چين جي شهر نانجنگ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهتمام هيٺ ٽيليويزن فيسٽيول 2023ع ۾ شرڪت ڪئي. فيسٽيول جي موقعي تي ا??لاعات واري نگران وفاقي وزير سان چين جي ني??نل ريڊيو ۽ ٽيليويزن واري وزير ثائو شومي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ٽيليويزن فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي چيني وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي وزيرن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ميديا ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ صحافين جي مٽ??سٽ?? کي فروغ ڏيڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي تي Chinese Hour شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيني ميڊيا جي پاڪستان ۾ سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو.