ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان جي تعليمي ۽ فني ??عليم جي مخصوص ادارن ۾ ج??ري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران صوبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي مردان خان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وزير طرفان صوبي ۾ ج??ري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان ۾ ج??يد فني ??عليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج ??وج?? تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني ??ربيت جي فراهمي لاءِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏي وزير چيو ته موجوده دور جي گهرجن ??وج?? فني ??عليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي مردان ڊومڪي نگران وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني ??عليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻڌايو ته وفاقي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ بلوچستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني ??ڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ بلوچستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان سميت چئني ??وبن جي نگران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني ??ربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏي وزير، نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.