اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي سف?? ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سج??د ۽ رهوڊز ٽرسٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تعليمي سف?? ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چيو ته تعليمي سف?? ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽرسٽ جي سي اي او صدر کي تعليمي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سج??د، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد برڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.