مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??وڌ??ي انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تنظيمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت ??اقت جي ??ور تي ڪشميرين ??ي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??وڌ??ي انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي ??ودمختاري جو حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي ??وام ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت ??اقت جي ??ور تي ڪشميرين ??ي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.