اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير م??تضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي ??اڪستان جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطين جي معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي تي ??اڪستان جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي ??گران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پاڪستان جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني قوم جو پختو ايمان آهي ته فلسطينين جي آزاد?? جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم ان مسئلي تي ??تحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر م??مود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چيو ته پاڪستان جي رياست سدائين کان فلسطين جي عوام جي خودمختيار?? جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. پاڪستان جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي ??اڳاپا نه آهن. هن چيو ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙهي انهن سان به اسان جا سفارتي ??اڳاپا آهن پر فلسطين جي مسئل?? جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي ??اڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو فلسطين جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو، پاڪستان جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان معاملي تي ??لسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.