اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيمارين کان ??چاءُ جي لاءِ علاج بدران ??حتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته خوراڪ ۽ طرز زندگي ۾ تبديلي دل ۽ فالج جي مرض کان ??چائي سگهن ٿيون، ان ??ان نه رڳو بيماري جو خطرو پر قومي صحت جي نظام تي بار به گهٽ پوندو. پشاور ۾ منعقد پاڪستان ??وسائٽي آف ڪارڊيو ويسڪولر اينڊ ٿوراسڪ سرجنز جي 12 هين ٻه سالا ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ڪندي صدر ??يو ته احتياطي تدبيرن سان نه رڳو بيماري جو خطرو پر قومي صحت جي نظام تي بار به گهٽ پوي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته نوجوانن ۾ دل جي بيمارين جي پڻ تشخيص ٿي رهي آهي، دل جي بيمارين جو ڊگهو علاج ۽ سرجري مريضن جي لاءِ ناقابل برداشت ٿي وئي آهي، ان ??ي لاءِ صحتمند خوراڪ جو استعمال، فعال طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ تماڪو نوشي کي ڇڏڻ سان ??ل جي بيمارين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن تي مثبت اثر پون ٿا. هن وڌيڪ ??يو ته قوم ڪوويڊ 19 جي وبائي مرض کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڻٿڪ ۽ ٺوس ڪوششون ڪيون. هن دل جي مرض جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي جذبي ۽ هدفن تي ٻڌل طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر دل ۽ ڇاتيءَ بابت هيلٿ ڪيئر پريڪٽيشنرز جي تربيت ۽ پيشيواراڻي ترقي ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو. هن ٽيلي ميڊيسن ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ صحت بابت مشوري، تشخيص ۽ نگراني جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن ??يو ته اهو خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي مريضن جي لاءِ اهم هوندو جن کي صحت جي سارسنڀال جي سهولتن تائين پهچ ۾ مسئلا درپيش آهن. هن ??يو ته ملڪ ۾ غذائي کوٽ ۽ موٽاپي جا واقعا گڏ گڏ رپورٽ ٿي ر??يا آهن ۽ اها رياست جي ذميواري آهي ته اها جنڪ فوڊ بدران ??حت بخش خوراڪ جي استعمال بابت بيداري پيدا ڪري. صدر ڊاڪٽرن ۽ طبي ماهرن تي زور ڏنو ته اهي احتياطي نگهداشت جي حوصلا افزائي ڪري ۽ عام ماڻهن کي واڪ ۽ مخصوص مشقن جي معمولات کي اختيار ڪرڻ تي آماده ڪري معاشري جي بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا. صدر معاشري ۾ ذهني ڇڪتاڻ بابت پڻ ڳالهه ڪئي ۽ ??يو ته مجموعي طور تي اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي کي اهو مسئلو درپيش آهي ۽ اٽڪل 60 کان 80 سيڪڙو اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ان ??و شڪار آهن. ان ??لسلي ۾ هن هڪ هيلپ لائين تجويز ڪئي جيڪا مصنوعي ذهانت جي ذريعي ضرورتمند ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري انهن کي مدد فراهم ڪري سگهي. پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي سي اي او ۽ ڪانفرنس ج?? ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر شاهڪار احمد شاهه ??يو ته پي آئي سي خيبرپختونخواهه جي پهرين جديد ترين سرڪاري اسپتال آهي جيڪا آئي ايس او سرٽيفڪيشن حاصل ڪندڙ پهرين اسپتال هجڻ جي ناطي صحت جي سارسنڀال جون خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. هن ??يو ته پي آئي سي مان فارغ ٿيندڙ سرجن صوبي ۽ سڄي ملڪ جي هيلٿ ڪيئر سسٽم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان ??يسوسيئيشن آف ڪارڊيو ويسڪولر اينڊ ٿوراسڪ سرجنز جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب يونس، پاڪستان ??وسائٽي آف ڪارڊيو ويسڪولر اينڊ ٿوراسڪ سرجنز جي 12 هين ٻه سالا ڪانفرنس جي سرپرست پروفيسر ڊاڪٽر محمد رحمان ۽ طبي ماهرن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.