اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري نگران و??اقي وزير انيق احمد چيو آهي ته خطاطي جو فن اسان جي ميراث ۽ ثقافت جو اهم حصو آهي، ان شعبي ۾ نَون آ??ل ٻارن کي گهرجي ته ان فن کي سِکي ڪري ان کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪن. پي اين سي اي جي انتظام هيٺ مدرسي جي شاگردن کي خطاطي جي تربيت ڏيڻ جي حوالي سان منعقد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان حوالي سان ٻن هفتن تي ٻَڌل تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ منهنجي لاءِ خو??گو??ر ۽ حيرت جو سبب آهي ۽ ان محفل ۾ شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ فخر آهي. هن چ??و ته ان معاملي ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندس. نگران و??اقي وزير چ??و ته اسان پنهنجن وڏن خطاط نگارن کي وِساريندا پيا وڃون. هن شاگردن کي چ??و ته جيڪو هي خطاطي جو هنر سِکندو ان کي ايندڙ نسلن تائين منتقل به ڪرڻ گهرجي، خطاطي جي فن جي حوالي سان اسان جو ماضي تمام شاهوڪار آهي.