اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) بيلجيئم، يورپي يون??ن ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بيلجيئم، يورپي يون??ن ۽ لڪسمبرگ ۾ جاري تدريسي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي ٽوئيٽ مطابق ملاقات دوران اسڪالرز کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عملي حلقن سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ل??ءِ موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.