اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آ??يني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ??حافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران ??ليڪشن جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسان ??ي لاءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آ??يني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪستان ??ي پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران ??هڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ و??ضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.