اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان ??ڌي?? عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندي. نگران وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل سال 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جو حلف کڻڻ کانپوءِ اڳئين ڏينهن پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن واحد آئيني ادارو آهي جنهن کي آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻيون آهن ۽ نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت جي 5 مهينن جي عرصي دوران چونڊن جي حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرائيون ٿينديُون رهيون پر انهن سمورين قياس آرائين جي باوجود 8 فيبروري تي چونڊون پنهنجي شيڊيول موجب ٿي رهيون آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون پرامن ٿينديون ?? ان جي لاءِ سمورا انتظام ڪيا پيا وڃن، چونڊن دوران مق??مي ۽ عالمي صحافين ۽ غيرملڪي مبصرن جي سهولت لاءِ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت هڪ آن لائين ميڊيا هيلپ لائين پڻ شروع ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا ?? انشاءَ الله 8 فيبروري تي پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان ??ڌي?? عوام پنهنجي نمائندن کي چونڊيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب هئي، 2008ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ چونڊن ۾ هڪ مهيني جي دير ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي عرصي کان وڙهي رهي آهي ?? انهن جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، ڪ??هه واقعا پاڪستاني عوام کي روڪي نه ٿا سگهن، انشاءَ الله عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ ٻاهر نڪرندي ۽ پنهنجي ووٽ جو حق ضرور استعمال ڪندي.