اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ??رهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪا??ڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سرڪاري ملازمن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پاڪستان رياست کان انهن جي وفاداري مٽائڻ جي لاءِ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان رياست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزا ڏياريندي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي واضح طور تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ??رهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پرتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪا??ڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي لاءِ هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري ملازمن جون وفاداريون پاڪستان رياست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ٻين آرٽيڪلز ۽ ملڪي ق??نو??ن جي واضح خلاف ورزي آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان رياست پنهنجون آئيني ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري ملازمن جي دفاع لاءِ اسان جي عزم ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.