اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صدارتي اليڪشن ۾ مخالف اتحاد جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آصف ع??ي زرداري کي ملڪ جو صدر چو??ڊج?? تي مبارڪون ڏيان ٿو، فضل الرحمان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آه?? جو نه ڪنهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وڪرو ڪ??و. ??دارتي اليڪشن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آصف ع??ي زرداري هڪ مڃيل سياستدان آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندو. هن چيو ته شبلي فراز سميت ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا فضل الرحمان جو ووٽ مون کي ملندو. هن چيو ته ملڪ خاطر اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.