اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ جمع ڪرايل نامزگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. قومي اس??مب??ي سيڪريٽريٽ موجب قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر لاءِ سردار اياز صادق، ملڪ محمد عامر ڊوگر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اس??مب??ي جي سيڪريٽريٽ وٽ جمع ڪرايا ويا. نامزد اسپيڪر سردار اياز صادق جي تجويز ڪندڙن ?? چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، سيد نويد قمر ۽ اويس احمد لغاري شامل آهن، ملڪ عامر ڊوگر جي تجويز ڪندڙن ?? صاحبزاده صبغت الله، علي محمد ۽ ڊا??ٽر امجد علي خان شامل آهن، جڏهن ته قومي اس??مب??ي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جنيد اڪبر جا نامزدگي ڪاغذ قومي اس??مب??ي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا ويا.ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار لا??ِ تجويز ڪندڙن ?? محمد رضا حيات هراج ۽ اعجاز حسين جکراڻي شامل آهن، جڏهن ته جنيد اڪبر جي تجويز ڪندڙن ?? محمد ثناءُ الله خان مستي خيل، محمد رياض خان فتيانه ۽ مهر غلا م محمد لالي شامل آهن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جمع پهرين مارچ تي ٿيندي.