اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ايٿوپيا جي وزيراعظم ابي احمد علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم 2019ع جو امن جو نوبل انعام حاصل ڪرڻ تي ايٿوپيا جي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم انگيج آفريقا پال??سي جي ڏس ۾ ايٿوپيا سان ويجهن ٻطرفن لاڳاپن جي ضرورت تي زور ڏنو. عمران خان پاڪستان پار??ن ايٿوپيا جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ جي روڪٿام جي لاءِ سندس موثر قدمن کي ساراهيو.