اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان ”ڪوو??ڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين“ جي لاءِ اپيل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪو به ??يڊر ان وقت تائين آرام سان نه ٿو ويهي سگهي جيستائين هر ملڪ جي هر شهري کي مفت ويڪسين تائين پهچ نه ٿي ملي. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراع??م عمران خان ڪوو??ڊ 19 جي خلاف عوام جي ويڪسين جي لاءِ اپيل ۾ عالمي اڳواڻن سان گڏ شامل ٿي ويو آهي، ان اپيل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ويڪسين تيار ٿي وڃي ته اها سمورن ملڪن ۾ سڀني ماڻهن کي مفت ملڻ گهرجي.