اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳال??ين تي راضپو ۽ ڳال??ين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳال??ين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿ??ند??. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائ??ند?? چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون ل??ڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.