اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ت?? غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين ??ابت خاص مددگار ملڪ امين ??سلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين ??ان ۽ ٻين ??ه شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻايو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقب?? تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقب?? تي سال 2023ع تائين ??هو عمل مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.