اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ م??اشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت ڪردا?? ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر جنرل شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي متقفه راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ م??اشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش ??نز?? آهي، سريلنڪا جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ م??هبي ۽ قدرتي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. صدر عارف علوي سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.