اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان نادرا چيئرمي?? برگيڊيئر (ر) خالد لطيف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ نادرا سينٽر جي قيام تي بريفنگ ڏني وئي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته نادرا جي رجسٽريشن ۽ شناختي ڪارڊ کي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي عوام کي اڄ ??ه مشڪلاتون درپيش آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي نادرا عملدارن کي هدايت ڪئي ته نون منصو??ن جي آغاز ۽ موبائيل يونٽس جي ذريعي عوام جي مشڪلا??ن کي حل ڪيو وڃي.