اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪين??ا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ار??د شريف جو معاملو اٿاريو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪين??ا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ار??د شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪين??ا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.