اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري م??لڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون ??نڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پاڻي م??ي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضا??طو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي م??قعي تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.