اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽ??ون حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي ش??ست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري حڪ??مت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.