اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران شگر انڪوائري جو مقصد انهن سببن ۽ حق??قتن کي سامهون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو ويو. هن چيو ته انڪوائري جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سمورين حق??قتن جي روشني ۾ نظام ۾ موجود ڪوتاهين جي درستگي ۽ سڌارن جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ حق??قتن جو جائزو وٺڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ موجوده نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺوس سڌارن جي لاءِ سفارشون ج??ڙي??دي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مستقبل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن پاران ڪڻڪ جي خ??يد??ري جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ طلب ۽ ??هچ جي ڪاٿن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.