اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان قومي اس??مبلي کي ٻڌايو آهي ته نيويارڪ ۾ روز ويلٽ جا مالڪاڻا حقن پي آءِ اي جي ذيلي ڪمپني وٽ آهن. قومي اس??مبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران طاهره اورنگزيب جي سو??ل تي غلام سرور خان ايوان کي ٻڌايو ته روز ويلٽ جا مالڪاڻا حق پي آءِ اي جي ذيلي ڪمپني وٽ آهن، ڪووڊ جي ڪري مين هيٽن جا 80 سيڪڙو هوٽل بند آهن، ان ۾ روز ويلٽ به شامل آهي، جئه پ??ڪاش جي سو??ل تي هن چيو ته ٽورنٽو لاءِ اڏامون 5 کان گهٽ ڪري 2 ڪيون ويون آهن، اهو ڪووڊ جي ڪري آهي، پي آءِ اي 2 فلائيٽس ڏئي رهي آهي، جيئن ئي لوڊ ۾ اضافو ٿيندو اڏامن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو.