اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون ??ور?? نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن ??ان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن ??ان گڏ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم بربريت ??ي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ڪيو ويندو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي ويندي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي اسرائيلي جارحيت ??ي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت ??و ??ور?? نوٽيس وٺي ۽ جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.