اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان ا??غانستان ۾ آمريڪا سان ا??ن لاءِ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ تيار ??هي پر پنهنجي سرزمين تي آمريڪي فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، اسان ا?? جي سٽ سهي نٿا سگهون، اسان پهرين ئي ان جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪا آهيون، افغانستان ۾ ڪو هڪ اسان جو پسنديده نه آهي، ڪنهن به اهڙي حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جنهن کي افغان عوام جو اعتماد حاصل هجي، خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين علائقائي ميثاق جي ضرورت آهي. مشهور آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ لکيل پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان ا??غانساتن ۾ امن لاءِ آمريڪا سان حصيدار بڻجڻ لاءِ تيار ??هي پر افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اسان ڪنهن وڌيڪ تڪ??ار جو خطرو نٿا کڻي سگهون.