اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب لاهور ۾ عارف نظامي جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرڀا??ين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عارف نظامي صحافت جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو?? هو مجيد نظامي جي مشن کي اڳتي وڌائيندو رهيو. هن چيو ته عارف نظامي جي بلند درجن ۽ مغفرت جي لاءِ ??عا ڪريون ٿا، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ نظامي خاندان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته عارف نظامي جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ عارف نظامي جي مغفرت فرمائي ۽ گهرڀا??ين کي صبر جميل عطا فرمائي.