اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربيلا پنج توسيع منصوبي ??ي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ??يو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي ??ي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ??يو ويندو، منصوبي ??و بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي ??اري رهندي. تربيلا 5 توسيع منصوبي ??ان 1530 ميگاواٽ م??حول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا پنج توسيع منصوبي ??ي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي ??ي ڪري تربيلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزا?? 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.