اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزي??اع??م عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهست?? آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري ره?? آهي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، ??ير??زگاري جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ وڙهندي رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر رڳو ڦريل دولت ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ره?? آهي، مخالف ڌر کي اهو سمجهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ترقي جي نالي تي وفاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري ره?? آهي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻا??ي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورت?? آهي.