اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم يوٿ ان??رپرينورشپ اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نوجوانن کي رهنمائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي مالي طور تي بااختيار بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام زبردست معاشي موقعا فراهم ڪيا آهن، نوجوانن جو پنهنجو ڪاربار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت مان فائدو کڻڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نوجوانن کي قرض حاص ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو، ??جل??س ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار محمد عثمان ڊار ۽ بئنڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود شرڪت ڪئي جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سردار عبدالقيوم نيازي، گلگت بلتستان خالد خورشيد خان ۽ لاڳاپيل بئنڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ جي ذريعي ??جل??س ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي خاص مددگار عثمان ڊار ??جل??س کي يوٿ ان??ر پرينيورشپ اسڪيم تحت ڏنل قرضن جي باري ۾ ٻڌايو، ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته نوجوانن ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 26.2 ارب روپين جي منظور ٿيل قرضن مان 19.1 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته يوٿ ان??رپرينيورشپ اسڪيم مختلف شعبن ۾ 30000 کان وڌيڪ ن??ڪر??ون پيدا ڪيون آهن، خاص مددگار مختل?? بئنڪن جي پاران ڏنل رقم جا تفصيل ٻڌايا جنهن ۾ بئنڪ آف پنجاب، جي ايس بئنڪ لميٽيڊ، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، بئنڪ الفلاح لميٽيڊ ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ شامل آهن جنهن نوجوانن ۾ ترتيبوار 4.8 ارب روپيا، 3.5 ارب روپيا، 2.4 ارب روپيا، 1.7 ارب روپيا ۽ 1.6 ارب روپين جا قرض جاري ڪيا، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزيراعظم يوٿ ان??رپرينيور اسڪيم تحت قرض حاصل ڪرڻ ۾ نوجوانن جي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. ??جل??س ۾ نوجوانن جي قرضن جي اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ آگاهي ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي مشورو ڏنو ويو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سهولتن جا مرڪز قائم ڪن ته جيئن نوجوانن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن ميڊيا ۽ مقامي سياسي اڳواڻن جي شموليت سان نوجوانن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، صدر پنجن بئنڪن جي سربراهن کي چيو ته هو نوجوانن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي لاءِ سهولت ڊيسڪ قائم ڪن، ??جل??س ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ قرضن جي ورڇ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهوار ??جل??س منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.