فيصل آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ صاف شفاف چونڊن جي لاءِ سڌارا ضروري آهن انهي لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت شفاف چونڊن جي لاءِ سڌار?? تي ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي ابتڙ مخالف ڌر اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين کي ڏسڻ کانسواءِ رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته اها مشين ٺپا مافيا جو بهترين متبادل آهي پر جيئن ته مخالف ڌر شفاف چونڊن جي لاءِ سڌار?? تي تعاون نه ڪري رهي آهي تنهن ڪري هو مريم، بلاول، شهباز کان پڇي ٿو ته جيڪڏهن انهن وٽ شفاف اليڪشن جي لاءِ ان کانسواءِ ڪو متبادل حل موجود آهي ته ٻڌائين جڏهن ته ڪالهه تائين پاڻ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهر احتجاج ڪندڙ اڄ اسا?? تي تنقيد ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان اليڪشن ڪميشن جي پريس رليز ميڊيا کي اڳ ۾ ۽ حڪومت کي بعد ۾ ملي ٿي، اهڙي قسم جي قدمن سان اليڪشن ڪميشن پاڻ پنهنجي صلاحيت تي ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي گ??رجي ته ا??ا اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي ذريعي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سبزي منڊي فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ا??ا انتهائي حيرت جي ڳالهه آهي ته ٻين سمورن شعبن ۾ ته توهان اليڪٽرانڪ مشينن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيا آهيو ۽ چاهيو ٿا ته سڄي دنيا جون سموريون سهولتون توهان جي هٿ ۾ موجود موبائيل فون ۾ هجن پر جڏهن سڀ کان اهم شعبي جمهوريت جي ڳالهه اچي ٿي ته توهان ان ۾ اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين جي بنا ڏسڻ بنا سوچڻ سمجهڻ جي مخالفت ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته توهان ٺپا مافيا کان ٻاهر نڪرڻ نه ٿا چاهيو ته جيئن توهان جو ماضي وانگر ڌانڌلين جو سلسلو جاري رهي پر هاڻي ائين نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين بابت ڪي خدشا آهن ته ان کي گڏجي ويهي ڏسي سگهجي ٿو پر ان مشين کي بنا ڏسڻ ۽ ان جي ورڪنگ چيڪ ڪرڻ کانسواءِ رڳو اي??في ۽ هيڪنگ جي بنا جواز خدش?? تي ان کي رد ڪري ڇڏڻ ڪنهن به صورت ۾ صحيح قدم نه آهي جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڪير مهر چوري ڪري کڻي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو. هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اسان جي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان جي لاءِ اسان هر ڪنهن سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته اي وي اي?? جي ذريعي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. فرخ حبيب چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميش?? تي حملو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان اليڪشن ڪميش?? تي زباني حملي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٺپا مافيا جو بهترين متبادل اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين ئي آهي پر مخالف ڌر شفاف چونڊن جي لاءِ سڌار?? تي تعاون نه ڪري رهي آهي جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين هلي رهي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي پر پارليامينٽ قانونسازي جي لاءِ سپريم آهي ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ان سان تعاون ڪندي آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته اڄ اهي ماڻهو اسا?? تي تنقيد ڪري رهيا آهن جن پاڻ سپريم ڪورٽ، نيب ۽ اليڪشن ڪميش?? تي حملا ڪيا ۽ ان جو بنياد ئي ڌانڌلي تي رکيل آهي جڏهن ته اهو مسئلو به انهن جو ئي پيدا ڪيل آهي. هن چيو ته اي وي اي?? جي ذريعي اليڪش?? تي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي فارم 45 ملي ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نيون چونڊ فهرستو?? تيار ڪيون ويون آهن ۽ پراڻي فهرستن مان لکن جي انگ ۾ جعلي وو??ن کي خارج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت چونڊ سڌارا ڪري اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري رهي آهي ڇو ته حقيقي جمهوريت آڻڻ ۽ ڌانڌلي جي خاتمي جي لاءِ چونڊ عمل شفاف بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ائين رڳو سڌارن سان ئي ممڪن آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ا?? تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ اي وي اي?? کي هر طرح سان پرفيڪٽ ۽ فول پروف بڻايو پيو وڃي. هن هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڄاڻي ٿي ته پراڻي فهرستن ۾ لکين بوگس وو?? داخل هئا ۽ اهي وو?? انهن ئي ماڻهن ڌانڌلي جي لاءِ ٺهرايا جيڪي ماضي ۾ بار بار وارا وٺي اقتدار ۾ اي??دا ۽ ملڪ ۽ قوم کي ڦري ڪنگال ۽ بدحال ڪندا رهيا. هن چيو ته جيڪڏهن دنيا جي وڏين وڏين جمهوريتن ۾ اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين استعمال ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان ۾ ڇو نه ٿي ٿي سگهي ان لاءِ اليڪشن ڪميشن پاڻ پنهنجي مٿان جيڪي اعتراض اٿاريا آهن ان کي گ??رجي ته ا??ا انهن کي ختم ڪري ۽ چونڊ عمل ۾ سڌارن طرف پورو ڌيان ڏي ڇو ته آئين موجب صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ئي ڪم آهي پر حڪومت ان کي هر قسم جي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. فرخ حبيب چيو ته آرٽيڪل 218 پڻ انهي شيءَ جو گهرجائو آهي ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جون واضح هدايتون پڻ موجود آهن. هن چيو ته جيستائين چونڊ سڌارا نه ٿيندا ان وقت تائين جمهوري نظام کي مضبوط نه ٿو بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين ۾ وڌيڪ امپروومينٽ آڻڻ جي ڏس ۾ انجم جي مثبت تجويز?? تي عمل جي خاطري ڪرايون ٿا پر جيڪڏهن اي وي اي?? ۾ اهي ڪا خامي سمجهن ٿا ته اها جلسن سان نه پر ٽيڪنالاجي جي مدد سان ئي ختم ٿيندي. هن چيو ته جن ماڻهن ڪالهه تائين چونڊون کٽڻ جي لاءِ چونڊي چونڊي پنهنجي مخالفن کي جعلي پوليس مقابلن ۾ پار ڪرايو اهي ڄاڻي ويا آهن ته جيڪڏهن اليڪشن اي وي اي?? جي ذريعي ٿي ته انهن جي ڌانڌلي جا سمورا رستا بند ۽ شڪست انهن جو مقدر بڻجي ويندي ان لاءِ انهن جون ننڊون حرام ٿي چڪيون آهن پر حڪومت اي??دڙ اليڪشن انهي مشين جي ذريعي ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ بنا جواز ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اي??دي. هن چيو ته اهو عوام جو به اخلاقي، انساني، آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اها ڏسي ته ان کي اي??دڙ اليڪشن صاف ۽ شفاف ڪرائڻي آهي يا 30 سالا ڌانڌلي جي ٺپي سسٽم جو تسلسل ئي جاري رکڻو آهي.