اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي ??گهه رکن ٿا، ورچ??ئل يونيورسٽي جي پهچ کي وڌائڻ جي ??رورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لائقن جا شاگرد آن لائن تعليم مان فائدو کڻي سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ورچ??ئل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. ورچ??ئل يونيورسٽي جي ??يڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لائن تعليم ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته في الحال 100000 شاگرد مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 ک??ن وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ورچ??ئل يونيورسٽي پنهنجي ??اگردن کي ??يجيٽل مهارت فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري رهي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي انتظاميا کي ??يو ته اها ڊيجيٽل دور جي ??رورتن موجب يونيورسٽي جي لاءِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم لائينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي پڻ زور ڏنو ته اها ورچ??ئل ايجوڪيسن جي لاءِ پنهنجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي فائدو پهچي.