اسلام آ??اد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادست?? جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ا??سو??يئ??شن?? سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ا??سو??يئيشن جي ڪردار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ا??سو??يئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادست?? جي لاءِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ا??سو??يئ??شن?? کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وڪيل برادر?? جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ا??سو??يئيشن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.