اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي ن??ليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا، فلم، ميوزڪ ۽ ٽي وي نيشنل ايوارڊز جي ذريعي ا??ڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي، نيشنل ايوارڊز جي ذريعي فلم، ڊرامي ۽ موسيقي کي فروغ ڏنو ويندو، تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن، ظهيرالدين بابر تي ??زبڪستان سان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ا??ران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، ملٽي ملين ڊالرز جون اهي فلمون عالمي معيار جون هونديون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت ??ي صحيحن واري تقريب کانپوءِ پريس اڪنفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جو بيانيو پيش ڪرڻ جي ذريعن کي ڪمزور ڪيو ويو، فلم، ڊرامي ۽ موسيقي جا شعبا ڌيان نه ڏيڻ جو شڪار رهيا، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اسان دنيا جا ٽئين نمبر تي وڏا فلم ميڪا هئاسين جڏهن ته سئنيما گهرن جي لحاظ کان به پاڪستان دنيا ۾ ٽئين يا چوٿين نمبر تي هو. هن چيو ته ايندڙ سال فلم، ميوزڪ ۽ ٽيليويزن ايوارڊ ذريعي ن??ليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 ايوارڊز ڏنا ويندا، اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم انهن ايوارڊز جي ذريعي موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي. هن چيو ته نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا ويا آهن، اڪثر ٽيليويزن چينل غيرملڪي ڊراما درآمد ڪن ٿا، ان سان مقامي سطح تي ??يار ٿيندڙ ڊراما بري طرح متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته اشتهارن ۾ غيرملڪي اداڪارن کي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي اداڪارن جو روزگار متاثر ٿئي ٿو. وڏيون ڪمپنيون مقامي اداڪارن ۽ ماڊلز کي ن??رانداز ڪري ٻاهرئين ملڪ مان ماڊلز ۽ ايڪٽرز کي آڻين ٿيون، اهڙن اشتهارن تي ??ه ٽيڪس لڳايا پيا وڃن ته جيئن اهڙي قسم جي قدمن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي ا??در فلمز ڊويزن ٺاهي پئي وڃي، ٻه وڏيون فلمون آخري مرحلن ۾ آهن، ظهيرالدين بابر تي ??زبڪستان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ا??ران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، اهي ٻئي فلمون ملٽي ملين ڊالرز جون هونديون، انهن جي پراڊڪشن ۽ ڪاسٽ انٽرنيشنل معيار جي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيپو سلطان تي فلم پرائيويٽ ڪمپني سان گڏجي ٺاهي پئي وڃي، پي ٽي وي فلمز تي نوجوان فلم ميڪرز کي موقعا ڏنا ويندا. هن چيو ته نوجوان فلم ميڪرز اڳتي ??چن، اسان سان گڏجي فلم پروڊيوس ڪن، اسان انهن کي مارڪيٽنگ جي سهولتن سميت هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ اسان هر ممڪن قدم کڻنداسين، سئنيما گهرن تي ??اص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي. هڪ سئنيما اسڪرين سان 23 خاندانن کي روزگار ملي ٿو، اين سي ا?? سي سان گڏجي سئنيما گهرن کي کولڻ جي لاءِ قدم کنيا، نان انڊين پنجابي فلمن جي اجازت ڏني. هن چيو ته تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان تفريحي چينلز کي مضبوط ڪرڻ چ??هيون ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستان جي اسٽوري پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ميڊيمز کي مضبوط بڻايون. ان موقعي تي ??رٽس ڪائونسل پاڪستان جي صدر احمد شاهه چيو ته پاڪستان جي آثقافت ۽ علائقائي زبانن کي فروغ ڏنو ويندو، ايندڙ سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي 15 هين عالمي اردو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهو شرڪت جي لاءِ ايندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت ??ي صحيحون ٿيون. ان موقعي تي ??طلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر احمد شاهه ۽ پي ٽي وي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور پڻ موجود هئا.