اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ ج?? گهوٽڪ?? کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مم??ڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتا?? جا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتا?? جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، س??ڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور تي بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ س??ڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪ?? کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.