اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته ??نڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آهي، ??سٽر فراڊيا جمع آهن، چوري، ??ُٽ مار جو پئسو انهن ماڻهن وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئي ويا، وڊيو به موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ واضح آهي ته ڪنهن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن وٽ موقعو اچي ويو آهي ته هو ان جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وز??ر فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران قانون ۽ انصاف واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي جي مد ۾ ??نڌ حڪومت 2000 ارب کڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ان جو پتو ئي نه آهي، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران خان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، اسان ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ان جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ نه ئي ڪمپرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران خان جي سامهون ڄمي بيٺل آهي، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، اسان پاڪستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آهي، ??انون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آهي ته ان جو خوف هجي، ??اڻهو قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن انهن جا ضمير ايترا جاڳي ويا آهن ته نيلام گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته انهن سان ڪيتري عوام آهي، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آهي اهو عام نه آهي، ??ڪ تاريخ لکي رهيو آهي ۽ ضم??ر فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ڪميشن اسان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آهي، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آهي ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها اسان جي نه هئي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته هي اهم موڙ آ??ي، آئيني اداري کي ڪنهن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ??ي موقعو آهي ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.