ڪوئيٽا – 04 – آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي ترقي بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين شيران چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀا??تي ڏاڍ ۽ جارحيت جي خلاف 5 آگسٽ تي بلوچستان سميت سڄ?? ملڪ ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو، 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ صدا??تي حڪمنامي تحت مودي حڪومت ڀار??ي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي شقن کي منسوخ ڪرڻ جو قدم کنيو، جنهن ڀا??تي والاريل ڪشمير کي هندستاني رياستن جي ٻين رهواسين جي مقابلي ۾ جدا جدا ق??نونن تحت شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ بنيادي حقن تحت خصوصي حيثيت ڏني هئي، ڀا??تي والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت منسوخ ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ جي ٻن مرڪزي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورڇ ڪرڻ جو ڀا??تي قدم تڪراري علائقن تي گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ بلوچستان بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين ش3يران چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪيو ۽ ڪشميرين تي ظلم جو هڪ نئون دور شروع ڪيو، هندستان جي آئين ۾ ڪشمير تي ٻه بنيادي آرٽيڪل شامل هئا، آرٽيڪل 370 جيڪو والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيندو هو ۽ آرٽيڪل 35 اي تحت اهو واضح ڪيو ويو هو ته ڪير والاريل ڪشمير جو مستقل شهري آهي ۽ ڪير زمين خريد ڪري سگهي ٿو، ان کي ختم ڪرڻ کانپوءِ کان هيستائين اتي بدترين ظلم شروع ٿي ويا، ڪشميري عوام ٻاهرئين دنيا سان ڪٽجي وئي ۽ واديءَ کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو، ڪشميرين تي ظلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهي.