اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿي??. پ??ڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ج?? خاطري ڪرائي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب جا ٿورا مڃيا ۽ ک??س پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين کان آگاهه ڪي??. پ??ڏيهي وزير بدترين ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان يڪجهتي جي اظهار تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ ج?? خاطري کي پڻ ساراهيو.