برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته سندس جرمن پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪافي مثبت رهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بشمول پا??ستان ۾ ٻوڏ صورتحال، ماحولياتي پا??ڀرائپ ۾ تعاون، ماهر افرادي قوت جي مٽاسٽا ۽ تربيت، ما??ول دوست توانائي ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته اسان خصوصي طور تي جرمن حڪومت جي فراهم ڪيل امداد جا ٿورائتا آهيون خاص طور تي اڄ جي 10 ملين يورو جي اضافي امداد سان جرمني پاران ڏني ويندڙ مجموعي امداد 60 ملين يورو تائين پهچي وئي آهي.