اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ڳالهين سان معاملن ۾ بهتري ايندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي صدر چي?? ته ايندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تحليل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي اندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ته نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، وفاقي وزيرن به ان معاملي تي مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته مشاورت جي حوالي سان اڳ ۾ به مثال ??وجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چي?? ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي اتحادي حڪومت تي آهي ته عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻو آهي يا نه، آئون چاهيان ٿ?? ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چي?? ته اسان کي دنيا کي معيشت جي حوالي سان استحڪام ڏيکارڻو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيل واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي صورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گڏجي ويهي ڳالهه ڪن. هن چي?? ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت سان نه ٿو ويهڻ چاهي ته ان جا ساٿي ته ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست ??ي ڪري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چي?? ته ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان سان حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان جي ائ??مي اثاثن بابت آمريڪي صدر جي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چي?? ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جي ائ??مي اثاثن جو ڪنٽرول ۽ مئنيجمينٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائ??مي توانائي جو عالمي ادارو به ان جي توثيق ڪري چڪو آهي.