اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيندي ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته اهو دهشتگ??دي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آه??، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوند??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آه?? ته پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، پاڪستان جو سر بلند ٿيڻ تي منهنجو ڪنڌ الله تعاليٰ جي آڏو شڪر سان جهُڪيل آه??، عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ وقار جي بحالي قوم کي مبارڪ هجي. هن چيو ته دهشتگ??دي جي خلاف جنگ ۾ اهو اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آه??، دهشتگ??دي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا تسليم ڪيو آه??. هن چيو ته فيٽف ۾ شامل ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزارت، سمورن لا??اپ??ل عملدارن ۽ وزارتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪ فوج، ڊي جي ايم او سميت ٻي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار تي ساراهيون ٿا ۽ مبارڪباد ڏيون ٿ??. و??يراعظم چيو ته حڪومت جي اتحادي پارٽين ۽ قائدين جا ٿورا مڃان ٿو جن ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن بڻايو، الحمدالله نواز شريف جي دور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ??ياسين. هن چيو ته اين آر او جا الزام برداشت ڪري قومي مفاد جي خاطر مخالف ڌر ۾ به اسان ان معاملي تي پورو تعاون ڪيو، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، اهو ئي سبب آه?? جو الله تعاليٰ اڄ اها ڪاميابي عطا فرمائي. هن چيو ته گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا، ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڌيڪ به خوشخبريون اينديون.